ٻورڙيءَ واري مسجد ۽ روضو

ٻورڙيءَ واري مسجد ۽ روضو: اسلامي دور جي هيءَ اڏاوت خيرپور ناٿن شاھه کان ١٠ ڪلوميٽر ۽ ڪڪڙ کان ١٠ ڪلو ميٽر تعلقو خيرپورناٿن شاهه ضلعي دادو ۾ آهي. ٻورڙي چڱو ڳوٺ آھي. ھتي ھڪ مسجد ۽ روضو ٺھيل آھي، جيڪي اٽڪل ١٥٠ سال کن پراڻا ھوندا. يعني ميرن جي دور جا ٺھيل آھن . مسجد: مسجد کي احاطو نڪتل آھي. ڏکڻ ۾ دروازو ڏنل آھي، جيڪو عام قسم جو آھي. مھاڙي وٽ ونگن سان دروازا ٺھيل آھن جيڪي اندر ٽن ڪمرن ۾ کلن ٿا. ھر کڻ جي مٿان گنبذ ڏنل آھي. مسجد جي ٻيڙ ٻني تي ڪنگرا ٺھيل آھن. ڪنڊن وٽ ڪنڊ جوڙون (quinches) ٺھيل آھن، جيڪي ڪمري کي اٺڪنڊو ڪن ٿيون. جن مٿان گنبذ ٺھيل آھي. مھاڙيءَ جو وچون حصو ٻين حصن کان اوچو آھي. اندران مسجد ٽن حصن (Bays) ۾ ورھايل آھي. جن تي وڏيون ونگون نڪتل آھن اندر پيل پاوا ٺھيل آھن. حجري جي مک وچين ڪمري ۾ محراب ٺھيل آھي. اندران توڙي ٻاھران ڌنڌلا چٽ بيٺل اٿس . روضو: روضو مسجد جي اتر ۾ ٺھيل آھي، جيڪو چوڪنڊي رٿ جو آھي. روضي جي مھاڙي اوڀر طرف آھي، جنھن ۾ ونگن سان ننڍو در لڳل آھي. دروازي جي اندرئين پاسي برجن وانگر واڌوڙا آھن، لنگھه کي دروازو ڏنل ڪونھ آھي. لڳي ٿو ته تعمير جو ڪم اڌ ۾ روڪيو ويو آھي. اندر ڪمرو چورس آھي. ڪنڊن وٽ ڪنڊ- جوڙون ٺاھي ڪمرو اٺڪنڊو ڪيو ويو آھي. جنھن جي مٿان گول گنبذ اڏيو ويو آھي. ڪمري جي ٽن پاسن کان کڻ ونگاڻل جارا (Recessed Arched Niches) ٺھيل آھن. روغني چٽ حاشيي (Dado)، ڪارنس (Cornice)، ۽ گنبذ جي اندران پسي سگھجن ٿا. مقبري جي وچ تي 3 قبرون ٺھيل آھن، جن جي مٿان خوبصورت ڪاٺ جي ڇٽي ٺھيل آھي. ھن مقبري جي اڏاوت جي خاص وصف (Feature) مھاڙي ۾ ٻاھران ڏنل وڏيون ڪوٺيون آهن، جن تي کڻ ونگون لنگھه واري پاسي ڏنل آھن، جيڪي ٻين مقبرن ۾ ڪونه ٿيون نظر اچن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو